گنگل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا زخمي

گنگل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ دائم خان جي رهواسين گنگل برادري سان تعلق رکندڙ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جهڙي ۾ ڏنڊا ۽ ڪهاڻيون لگڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمي ۽ زخمين جي وارثن نور محمد گنگل، فضل الرحمان گنگل، امداد گنگل ،الاهي بخش گنگل محمد نواز گنگل ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو ۾ ڊاڪٽر نثار احمد سومرو ، ڊاڪٽر عبدالرائوف گرگيج، ۽ اوٻاوڙو پوليس خلاف احتجاج ڪيو،ان موقعي تي احتجاج ۾ شريڪ وڏيرو فضل الاهي گنگل، زخمي نور محمد گنگل ، فضل الرحمان گنگل، امداد گنگل، الاهي بخش گنگل، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ مهينا اڳ برادري سان پاڻي جي معاملي تان جهيڙو ٿيو هو مخالف ڌر ان آڙ ۾ ٻه ڏينهن اڳ اسان جي ڳوٺ دائم تي ڪاهه ڪري 20 کان 25 ماڻهون حملو ڪندڙ لطف گنگل، ذوالفقار گنگل، اقبال گنگل، لياقت گنگل، ﷲ واريو گنگل، فتح محمد گنگل، سائين ڏنو گنگل، ارشد گنگل، شوڪت گنگل، اصغر گنگل اڪبر گنگل ۽ ٻين ڏنڊن ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري اسان جي پنج ماڻهن کي سخت زخمي ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا آهن، اهڙي فرياد اسين کڻي اوٻاوڙو ٿاڻي تي وياسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو