گندي پاڻيءَ جو بند ٽٽڻ خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

مورو (اياز سولنگي) داد واھ ڀرسان گندي پاڻي جا تلاءُ پاڻي جو زور وڌڻ سبب ٽٽي پيا جنھن سبب گندو پاڻي گھرن ۽ فصلن ۾ ڪاھي پيو آھي، ڪچن گھرن کي نقصان پھچڻ جو خدشو وڌي ويو، پاڻي جي وهڪري ۾ ٻه ٻارڙا لڙھي ويا جن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو،  لکين روپين جو نقصان. ھوڏانھن اطلاع باوجود انتظاميه نہ پھتي ۽ متاثر رھواسين پاران مورو دادو لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.

متاثرين جو چوڻ آھي ته اسان جي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود به انتظاميا ڪو قدم نه کنيو صرف نالي ماتر ڊپٽي ڪمشنر، اي سي مورو ۽ ٻيا وزٽ ڪري ٺلا آسرا ۽ دلاسا ڏئي هليا ويندا هئا. گذريل ڏينهن بارش جي ڪري تلاءُ ٽٽڻ لڳو پر ڳوٺاڻن پنهنجي پاڻ مدد تحت تلاءَ جو بند مضبوط ڪيو. هنن ضلعي انتظاميا توڙي مورو ميونسپل کان فوري طور تلاءُ جو بند ٻڌرائي ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو