گمبٽ (رپورٽ عبدالحي شيخ ) گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز يعني گِمس ۾ پھريون ڀيرو ڪاميابي سان گڙدي جي روبوٽڪ ٽرانسپلانٽ سرجري ڪئي وئي. گمس اسپتال ۾ نديم عباس جي گڙدي جو ڊاڪٽر وسيم سرور ڀٽي ۽ محمد ھارون اعواڻ روبوٽ سرجري ٽرانسپلانٽ ڪئي. نديم عباس جي ڊونر سندس ڀيڻ نائلا به صحيع سلامت آھي نديم عباس ۽ سندس ڀيڻ گمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي صاحب ۽ ڊاڪٽر وسيم سرور ڀٽي جو شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽر وسيم سرور ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان گمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي صاحب جا ٿورائتا آھيون جن گمبٽ گمس اسپتال ۾ اسان کي روبوٽ مشين گھرائي ڏني ۽اسان 29:10:2022 تي نديم عباس جي گڙدي جو گمبٽ ۾ پھريون ڀيرو ٽرانسپلانٽ ڪيو جيڪو ڪامياب ٿي ويو آھي ۽ ٻيا به انشاالله ڪامياب ٽرانسپلانٽ ڪنداسين نديم عباس ۽ ڊونر سندس ڀيڻ اسان سان گڏ ويٺل آھن نديم عباس جي ڀيڻ نائلا جو چوڻ آھي ته مولا ڊاڪٽر وسيم سرو ڀٽي ۽ سندن ٽيم کي وڏي ڄمار ڏئي جن منھنجي ڀاء جي زندگي بچائي آھي.










