گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان ۾ هڪ ڪار هڪ گهري کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو موجب، روندو ۾ بلتستان هاءِ وي تي شٽ نالي جي ويجهو موڙ وٺندي ڪار هڪ گهري کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٻئي ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو موقعي تي پهچي لاشن کي کاهي مان ڪڍيو.فوت ٿيلن جو تعلق ضلعي خارمنگ سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ڪار ۾ سوار ماڻهو اسڪردو کان گلگت وڃي رهيا هئا.










