گلاب لغاري (ن س ) گلاب لغاري ويجهو اسپريٽ جي مبينا واپرائڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو گلاب لغاري ويجهو اسپريٽ ڪُپي جي مبينا واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو دولت رام جي زرعي زمين تي مبينا اسپريٽ ڪپي واپرائڻ سبب آچر ڀيل به فوت ٿي ويو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتين ۾ هريش ميگهواڙ، کيمچند ميگهواڙ، نانگجي بجاڻو، فقيرو بجاڻو ۽ خانو ڪولهي به شامل آهن ذريعن موجب شراب خانن خلاف ڪاررواين بعد شراب نه ملڻ ڪري ڳوٺاڻن اسپريٽ واپرايو ته واقعو پيش آيو آهي










