نوشھرو فيروز (منظور ملڪ) ايس ايچ او محراب پور محمد حيات چانڊيو نوشھرو فيروز جي اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو محمد حيات چانڊيو ڪجهه مھينن کان محراب پور ٿاڻي تي مقرر ٿيل ھو ۽ پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيو ھو ۽ ان جو تعلق خيرپور ضلعي گمبٽ سان ھو. ڊي ايس پي محراب پور مخدوم غلام محمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايڇ او دوران ڊيوٽي گشت ڪري رھيو ھو ته اچانڪ اٽيڪ ٿيڻ سبب کيس فوري طور نوشھرو فيروز اسپتال دل جي وارڊ ۾پھچايو ويو مگر سندس حياتي بچي نه سگھي ۽ ھو فوت ٿي ويو ايس ايڇ او کي اٽيڪ جي خبرملندي ئي ايس ايس پي الطاف حسين لغاري سول اسپتال نوشھرو فيروز پھچي ويو۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ ڏينھن ھر ڪنھن کي ھي جھان ڇڏڻو آھي ۽ انسان جي آخري منزل قبر آھي ۽ حيات چانڊيو بھادر آفيسر ھو ۽ ان جو خال نٿو ڀري سگهجي۽ مالڪ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي.










