گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي.ريلوي اختيارين موجب گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي گرين لائين ايڪسپريس جي انجڻ پٽڙي تان لهي وئي ۽ انجڻ لوپ لائين تي بيٺل فريد ايڪسپريس جي بلڪل ويجهو بيهي رهي.ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته گرين لائين ايڪسپريس ۽ فريد ايڪسپريس کي حادثي کان محفوظ بڻايو وڃي، گرين لائين ايڪسپريس ٽرين پٽڙي تان لهڻ سبب اپ ٽريڪ تي ٽرينن جي آمد و رفت معطل آهي.ريلوي اختيارين موجب سکر کان امدادي ٽرين طلب ڪئي وئي آهي، ٽريڪ کي جلد بحال ڪيو ويندو.ريلوي پوليس جو چوڻ آهي ته گرين لائين جي انجڻ سفر لاءِ ناڪاره آهي، متبادل جي درخواست ڪئي وئي آهي.










