گرينڊ جرگيءَ جي معاهدي موجب ڪرم ۾ امن کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو

گرينڊ جرگيءَ جي معاهدي موجب ڪرم ۾ امن کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته گرينڊ جرگيءَ جي معاهدي موجب ڪرم ۾ امن کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته امن جي دشمنن سان لوهي هٿن سان مقابلو ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر تي حملو امن کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام سازش هئي. بئريسٽر سيف چيو ته ڪرم جي عوام کي امن دشمن عناصر کان هوشيار رهڻ گهرجي ۽ علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ انتظاميه ۽ حڪومت سان تعاون ڪرڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته وڏي وزير واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، سڪيورٽي خدشن سبب قافلي کي عارضي طور روڪيو ويو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته ڪليئرنس ملڻ بعد قافلو جلد روانو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو