اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 10 گرفتار ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق به پي ٽي آءِ ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏيڻ واري فائل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.










