گرفتاري وارنٽ خارج، سچ جي جنگ وڙهون پيا،عمر ايوب

گرفتاري وارنٽ خارج، سچ جي جنگ وڙهون پيا،عمر ايوب

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جا گرفتاري وارنٽ خارج ڪري ڇڏيا.سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو آهي ته اي ٽي سي منهنجا ٻنهي ڪيسن ۾ گرفتاري وارنٽ خارج ڪري ڇڏيا آهن.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته اسان سچ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني تمام ضروري آهي.هن چيو ته 5 ڪلاڪ انتظار ڪرڻ باوجود شبلي فراز ۽ مون کي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نه ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو