گرانٽ حاصل ڪندڙ سمورن صحت واري ادارن جي آڊٽ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران صحت جي ادارن کي اربين رپين جي مالي مدد جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.سنڌ جي نگران انتظاميا سرڪاري گرانٽس حاصل ڪندڙ سمورن صحت ادارن جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.آڊٽ خانگي اداري کان ڪرايو ويندو، هڪ ارب کان وڌيڪ گرانٽ حاصل ڪندڙ ادارن جو به آڊٽ ڪرڻو پوندو.سنڌ جي نگران حڪومت سٺي شهرت رکندڙ خانگي اداري کان گرانٽ جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ادارا جيڪي هڪ بلين کان وڌيڪ گرانٽس وصول ڪن ٿا انهن جي گرانٽس جو آڊٽ 4 وڏين ڪمپنين مان هڪ کان ڪرايو وڃي.سنڌ حڪومت کان گرانٽ حاصل ڪندڙ صحت جي ادارن ۾ 34 سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالون ۽ اين جي اوز شامل آهن.نگران صوبائي اختيارين سنڌ حڪومت کان گرانٽ حاصل ڪندڙ طبي ادارن کي سنڌ حڪومت جو اشتهار ڏيڻ جو به حڪم ڏنو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته گرانٽ حاصل ڪندڙ تنظيمون پنهنجي اسٽيشنري تي سنڌ حڪومت جو لوگو ڇپائينديون، گرانٽ حاصل ڪندڙ تنظيمون به 1 سيڪڙو کان گهٽ رقم سنڌ حڪومت جي پبلسٽي تي خرچ ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو