گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ اسان جا ٻه ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ اسان جي ٻن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، پرامن سياسي ڪارڪنن تي ايئن حملا ٿيڻ سان ڪافي سوال اٿن ٿا حڪومت کان گهر ڪريون ٿا ته نه رڳو انهن واقعن جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي پر ان جي سببن کي به وائکو ڪيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن بلديه ٽائون آباد آباد جي علائقي ۾ پيپلزپارٽي يو سي 31 جي سينيئر نائب صدر شوڪت حماد بلوچ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو جنازي نماز ۾ پي پي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جو صدر لياقت آسڪاني، اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر مندوخيل، محمد آصف خان، پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي مختلف يو سيز جا چيئرمين ۽ وائِيس چيرئمين پي ايس جا صدر ۽ ٻين عهديدارن سميت ڪارڪنن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ اسان جا ٻه ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن هي انتهائي مذمت جوڳا واقعا آهن سعيد غني چيو ته ٻه اڳ اورنگي ٽائون ۾ امجد ۽ گذريل رات بلديه ٽائون ۾ شوڪت کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو آهي هن چيو ته امجد واري سانحي ۾ ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن سعيد غني وڌيڪ چيو ته پرامن سياسي ڪارڪنن تي ايئن حملا ٿيڻ ڪافي سوال اٿن ٿا جيئن ئي هتي نگران حڪومت آئي آهي ۽ اليڪشن ٿيڻي آهي ايتري ۾ سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ ۽ انهن ۾ خوف ۽حراس پکيڙڻ مذمت جوڳو عمل آهي سعيد غني چيو ته مان حڪومت کان گهر ڪريان ٿو ته نه رڳو انهن واقعن جي جوابدارن کي گرفتار ڪيووڃي پر ان جي پٺيان جيڪي هٿ آهن انهن کي به وائکو ڪيو وڃي سعيد غني چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي دهشتگردن جي حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو