گجرات پوليس جو پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو

گجرات پوليس جو پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو

گجرات (ويب ڊيسڪ)گجرات جي علائقي ڪنجهاري ۾ پوليس پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو هنيو.ذريعن موجب پوليس جي وڏي نفري پرويز الاهي جي گهر جو گهيرو ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڏاڪڻون چڙهائي گهر ۾ داخل ٿي، چوڌري پرويز الاهي جي گهر جي نگهباني تي مقرر اهلڪارن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس پرويز الاهي جي گهر جي تلاشي بعد واپس هلي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي گجرات ۾ گهر تي موجود نه هو جڏهن ته مونس الاهي ملڪ کان ٻاهر آهي.ذريعن موجب پوليس اڃا تائين پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي بابت تفصيل جاري نه ڪيا آهن ۽ نه ئي ڪا ترديد يا تصديق ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو