ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سکر-حيدرآباد هاءِ وي جي خراب حالت تي وفاقي حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تي تنقيد ڪندي حادثن جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏنو.سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد کان سکر روڊ پاڪستان جو بدترين روڊ آهي. هي شاهراهه سنڌ حڪومت جي ملڪيت ناهي، اها وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ بدانتظامي آهي، جنهن سبب اڄ تائين روڊ نه ٺهي سگهيو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جو سنڌ سان رويو تعصب وارو آهي، سنڌ جا سمورا هاءِ ويز ۽ موٽر ويز زبون حال آهن پر وفاقي حڪومت انهن جي مرمت ۽ سار سنڀال تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي. انهن روڊن جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت روڊن کي بحال ڪرڻ بدران ٽيڪس وڌائي رهي آهي.هن چيو ته موٽر وي پوليس سڄي پاڪستان ۾ بهتر ڪم ڪري ٿي، سنڌ ۾ انهن جو تعداد گهٽ ڇو آهي؟ سنڌ جا روڊ جيڪي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ملڪيت آهن انهن جي حالت خراب آهي وفاقي حڪومت ٽيڪس ته وٺندي آهي پر سهولتون ڏيندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته هي روڊ نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته وفاقي حڪومت حيدرآباد کان سکر موٽر وي لاءِ رقم مختص ڪري.هوڏانهن هڪ اجلاس ۾ سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙن ۽ اُنھن گاڏين جو غير مجاز استعمال ڪندڙن کي نامزد ڪرد ايف آءِ آرون ڪاٽيون وينديون. ڪفايت شعاري بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اھم اجلاس سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مڪاني ادارن، ھائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ، پبلڪ ھيلٿ انجيئرنگ واري صوبائي وزير سعيد غني، جيل خانھ جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير علي حسن زرداري، سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ، سيڪريٽري جي اي محمد نواز سوھو شرڪت ڪئي. ڪميٽي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي ترڪ ڪيل گاڏين جي نيلامي جو بھ فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ معزز ميمبران پنھنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ خرچن ۾ گھٽتائي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون. اجلاس ۾ سرڪاري گاڏين جي استعمال، پيٽروليم، آئل ۽ لبريڪينٽس جي خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ بيڪار گاڏين جي نيلامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن اختيارين کي ھدايتون جاري ڪيون تھ گاڏين جي الاٽمينٽ ۽ ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ واضح رھنما اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ نيلامي جو عمل شفاف بڻائڻ ۽ حاصل ٿيڻ وارا فنڊز اوليتي منصوبن جي لاءِ مختص ڪرڻ جون تجويزون بھ پيش ڪيون ويون. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سرڪاري گاڏين جي غير ضروري استعمال تي ضابطي ۽ پي او ايل تي وڌندڙ خرچن کي گھٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي، بيڪار گاڏين جي نيلامي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.










