گاجي شاھ جي رھواسين پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو لڳ ڳوٺ گاجي شاھ جي رھواسي لياقت جتوئي جي ويجھي ساٿي حاجي خدابخش شاھاڻي تي پوليس پاران مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف محمد امين وگھيو ,محمد عرس شاھاڻي ,ڪامريڊ علي اصغر شاھاڻي , امتياز ڏاوڇ  ,منير شاھاڻي ,خان پنھور,ايوب لغاري ,تنوير رستماڻي,حفيظ بروھي,حاڪم شاھاڻي دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيو ته ڪاڇي جي معزز شخصيت حاجي خدا بخش شاھاڻي تي پوليس سياسي انتقامي ڪاروائي ڪندي چونڊيل نمائيندن جي ونگار وھندي 3 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن پوليس اسٽيشن دادو بي سيڪشن ۽ خيروديرو پوليس اسٽيشن تي الڳ الڳ ڪوڙيون ايف آء آر داخل ڪري سياسي انتقامي ڪاروائي ڪئي آھي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد مخالف سياسي پارٽي پنھنجي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ لاء اھڙيون حرڪتون ڪري رھيا آھن اسين 15 سالن کان پپلزپارٽي جي ظلمن خلاف سراپا احتجاج آھيون ۽ سندس لياقت علي خان جتوئي سان گڏ آھيون ۽ گڏ رھنداسين مخالف ڀلي سياسي انتقامي ڪاروايون ڪن اسين پوئتي ھٽڻ وارا ناھيون سنڌ ۾ بحريا ٽائون واري معاملي تي پپلزپارٽي ملڪ رياض جي ونگار وھندي قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن کي کنڀي پئي ان جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسين آء جي سنڌ ,چيف آف آرمي ,چيف جسٽس آف  سپريم  ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريون ته سياسي انتقامي ڪاروايون بند ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو