ڪاڪڙ ۽ شمشاد اختر طلب ناهي ڪيو، ڪڻڪ جاچ ڪميٽي

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهه ڪامران علي افضل کي سومر تائين حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ڪڻڪ درآمد اسڪينڊل جي جاچ جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان ڪڻڪ اسڪينڊل جاچ ڪميٽي جي سربراه ڪامران علي افضل ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جاچ ڪميٽي جي سربراهه کي ڪڻڪ جي درآمد جي معاملي جي شفاف جاچ جي هدايت ڪندي سومر تائين حتمي رپورٽ ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري کي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو….ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس ڪابينا ۾ شامل نگران وفاقي ناڻي واري وزير شمشاد اختر کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي،ذريعن موجب نگران حڪومتي دور جو سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي محمد محمود انڪوائري ڪميٽي آڏو پيش ٿيو ۽ ڪميٽي آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.ذريعن جو چوڻ آهي ته تازو برطرف ڪيل اڳوڻي سيڪريٽري فوڊ محمد آصف به جاچ ڪميٽي آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو