ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن کي بخش نه ڪبو؛ ڊي سي

ميرپور ماٿيلو(ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته ڪڻڪ جو زخيرو ڪري هٿرادو بحران پيدا ڪندڙ فلور ملز خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن کي به من پسند اگهه وصول ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته خوراڪ کاتي جي نااهلي ۽ ملي ڀڳت سبب فلور ملز سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري زخيرو ڪن ٿيون جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اٽي جي وڌنڌڙ اگهن سبب عوام لاءِ مشڪلاتون جنم وٺي رهيون آهن ان ڪري اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته بغير لائسن جي غيرقانوني طريقي سان پنجاب طرف ويندڙ ڪڻڪ تي ڪڙي نظر رکي وڃي ان سلسلي ۾ اوٻاوڙ تعلقي ۾ قائم خوراڪ کاتي جي پڪٽ کي فعال بڻايو وڃي. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقي جي فلور ملز جا دورا ڪري ڪڻڪ جي زخيرن توڙي رڪارڊ جو جائزو وٺن ۽ فلور ملز جي نمائندن سان گڏجاڻيون ڪري کين تنبيهه ڪن ته ڪڻڪ جو زخيرو ڪري هٿرادو بحران پيدا نه ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته روزانو جي بنيادن تي مارڪيٽن جا دورا ڪري عام واهپي جي شين جا اگهه معلوم ڪري من پسند اگهه وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته آفيسن ۾ ويهڻ سان ڪم نه هلندو، انتظامي آفيسرن جو بنيادي ڪم عوام کي لاڀ پهچائڻ آهي سمورا آفيسر فيلڊ ۾ نڪري اسپتالن ۽ اسڪولن جا به دورا ڪري عوام جا مسئلا حل ڪن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هر مختيارڪار آفيس ۾ عوام جي سهولت خاطر سيل قائم ڪئي وڃي جتي سرڪاري فيسن متعلق لسٽ پڻ لڳائي وڃي ته جيئن عوام کي معلومات ملي سگهي روينيو رڪارڊ تپيدارن جي تحويل ۾ نه ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو