ڪڻڪ امپورٽ معاملو، معطل آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اضافي ڪڻڪ جي درآمد ۾ ملوث 4 معطل آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وزيراعظم سيڪريٽري ڪامرس صالح فاروقي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.معطل ڪيل آفيسرن خلاف سول سرونٽس ايفيشينسي اينڊ ڊسپلن رولز 2020 تحت انڪوائري ڪئي ويندي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي 4 آفيسرن کي ذميوار قرار ڏئي معطل ڪيو ويو.ڊي جي پلانٽ پروٽيڪشن الله دتا عابد ۽ فوڊ سيڪيورٽي ڪمشنر ڊاڪٽر وسيم کي معطل ڪيو ويو.معطل ٿيلن ۾ ويٽ ڪمشنر ۽ ڊائريڪٽر ڊي پي پي سهيل شهزاد به شامل آهن.ذريعن موجب انهن آفيسرن کي ناقص پلاننگ ۽ غفلت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو