ڪُتن جا حملا جاري، ميرپور ماٿيلو ۾ 03 ٻار زخمي

ميرپورماٿيلو (نمائندو) ميرپور ماٿليو جي لعل شاهه ڪالونيءَ ۾ ڇتي ڪتي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شديد زخمي ڪري وڌو آهي. ڪتي جي حملي ۾ 03 سان جي ڄمار وارو سرفراز بوزدار، سندس ڀيڻ پنجن سالن راحيلا ۽ صنم چانڊيو کي ڪتي چڪ هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو. ٽنهي ٻارن کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.  ڇتي ڪتي ٽن ٻارن کي ڏاڙھي  زخمي ڪري ڇڏيو آھي لال شاہ ۾ ڇتي ڪتي ٽن ٻارن 3 سالن جي سرفراز بوزدار سندس ڀيڻ 5 سالن جي راحيلا ۽ صنم چانڊيو کي ڏاڙھي زخمي ڪيو آھي  جن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آھي. واضح رهي ته ميرپور ماٿليو ۽ آسپاس جي شهرن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. پر انهيءَ مسئلي متعلق باشعور ماڻهن جو به ڌيان نه پيو وڃي جنهن ڪري انهيءَ آزار جي خاتمي لاءِ ڪو به احتجاجي آواز به نه اٿاريو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو