ڪي پي ۾ 4 ڏينهن کان برساتن سبب 21 ڄڻا فوت، 32 زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برسات سبب 21 ڄڻا فوت ۽ 32 زخمي ٿي پيا.پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برساتن سبب 21 ڄڻا فوت ۽ 32 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فوتين ۾ 9 ٻار ۽ 3 عورتون به شامل آهن.ان کان علاوه مختلف ضلعن ۾ ڀتيون ۽ ڇتون ڪرڻ جا 330 واقعا پيش آيا، 53 گهر مڪمل ۽ 277 گهرن کي جزوي نقصان پهتو.پي ڊي ايم اي موجب وڏي وزير جي هدايتن تي برسات متاثرن کي امدادي چيڪ ڏنا پيا وڃن ۽ امدادي سامان پڻ فراهم ڪيو ويو آهي.پي ڊي ايم اي موجب امدادي سامان ۾ 200 خيما، 100 ڪچن جا سيٽ، 200 ڪمبل شامل آهن، جڏهن ته متاثرن کي 100 چٽ، 200 مچھر داني ۽ 200 گدا ۽ ٻيون روزاني زندگي جون شيون به متاثرن کي ڏنيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو