ڪي پي ۾ پ پ جو گورنر مقرر، حڪومت جو مولانا سان رابطو ختم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو خيبرپختونخواهه لاءِ نامزد صوبائي گورنر ڪالهه ڇنڇر جي شام پشاور ۾ حلف برداري سان گڏ ئي موجوده حڪومت سان مولانا فضل الرحمان (جي يو آءِ) جو آخري رابطو به ٽٽي ويو.جي يو آءِ اڳواڻ ۽ مولانا فضل الرحمان جي ناٺي حاجي غلام علي کي نئين گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي گورنر هائوس پهچڻ سان ئي حاجي غلام علي جو عهدو ختم ٿي ويو. کيس پي ڊيم ايم جي شهباز شريف حڪومت گورنر مقرر ڪيو هو، هو ڏيڍ سال انهي عهدي تي فائز رهيو ۽ ان جون آخري سياسي مصروفيتون گذريل هفتي لاهور ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ملاقات هئي.سياسي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هٽايل گورنر جي صوبائي حڪومت ۽ وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور سان ڪافي تعلقات بحال هئا. فيصل ڪريم ڪنڊي جي مقرري سان پيپلز پارٽي پنهنجي ڪارڪنن جي سرپرستي جي روايت کي برقرار رکيو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي شروع کان ئي پيپلز پارٽي لاءِ سرگرم هو ۽ گورنر مقرر ٿيڻ کان اڳ هو پيپلز پارٽي جو اطلاعات بابت سيڪريٽري هو جنهن جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي. اهڙي طرح فيصل ڪريم ڪنڊي بلاول ڀٽو جي چونڊ آهي.ڀروسي جوڳن ذريعن ٻڌايو آهي ته گورنر هائوس سان پشاور جي وزيراعليٰ هائوس کي پنهنجي لاڳاپن ۾ احتياط سان ڪم وٺڻو پوندو. ڇو ته ڪريم ڪنڊي نه صرف فعال ۽ ڪريز کان ٻاهر نڪري کيڏندڙ رانديگرن جي شهرت رکي ٿو، پر ڊيره اسماعيل خان جي انهي سياسي تڪن جو به ڀرپور حصو رهيو آهي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ صوبائي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور ان جا مخالف آهن.فيصل ڪريم ڪنڊي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به رهيو آهي، هن مولانا فضل الرحمان کي سندس اباڻي سيٽ ڊيره اسماعيل خان مان شڪست ڏئي قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجو هو ۽ هي اهائي تاريخي ۽ حڪومتي سيٽ آهي جتان کان مولانا فضل الرحمان جي مرحوم والد مولانا مفتي محمود ذوالفقار علي ڀٽو کي 1970ع جي عام چونڊن ۾ شڪست ڏني هئي.مولانا فضل الرحمان 2 ڀيرا قومي اسيمبلي جي ساڳئي سيٽ تان فيصل ڪريم ڪنڊي کي به شڪست ڏئي چڪو آهي. فيصل ڪنڊي علي گنڊاپور کان به شڪست کائي چڪو آهي. فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي حصو نه ورتو هو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ۽ ان جي ڪابينه جي ميمبرن صوبائي گورنر جي طور تي فيصل ڪريم ڪنڊي جي حلف برداري جو بائيڪاٽ ڪري پنهنجي ارادن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو