ڪي پي ۾ تاريخ جي بدترين ڪرپشن ٿي پئي: ڪنڊي

ڪي پي ۾ تاريخ جي بدترين ڪرپشن ٿي پئي: ڪنڊي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس پوري پاڪستاني ۾ سڀني کان وڌيڪ مظلوم آهي، انهن جون پگهارون به گهٽ آهن، انهن وٽ ضرورت جون شيون به نه آهن.نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هن وقت خيبرپختونخواهه ۾ تاريخ جي بدترين ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، بنون، لکي، ڪوهاٽ جي صورتحال اها آهي جو حڪومت جي ڪابه رٽ نه آهي، نوگوايريا بڻيل آهن.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي جيڪو وفاداري جا فارم ڀري نٿو ڏئي انهي کي عهدي تان هٽايو ويندو آهي. 2008 کان اڳ جيڪا پختونخواهه جي صورتحال هئي اها ڪجهه ٻئي هئي ۽ هن وقت ڪجهه ٻئي آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن وفاقي حڪومت سنڀالي ته انهي وقت پختونخواهه بارود سان ڀريل هو، انهي وقت چيو ويندو هو ته سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو نٿا ڦڙڪائي سگهو، اڄ اتي ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ٿي رهيون آهن، پوليس، سرڪاري ملازمن ۽ فوج کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته گذريل ڏينهن هڪ وڊيو وائرل ٿي مولانا جي گهر ڏانهن جيڪو رستو وڃي ٿو اتي ڪجهه ماڻهو بيٺل آهن، ججن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي کان اڳ هڪ جج کي اغوا ڪيو ويو هو، سرڪاري ملازم جيڪي ڊيرا اسماعيل خان کان ٽانڪ ويندا آهن اهي بسن، ٽيڪسين ۾ سفر ڪندا آهن انهن جي ڪابه سڃاڻپ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته ٽانڪ ۾ اچڻ وڃڻ به ڪافي مشڪل ٿي ويو آهي. 40 ڪلو ميٽر جو روڊ صوبائي حڪومت محفوظ نه ڪري سگهي آهي وڏي وزير جو ڳوٺ به ساڳئي رستي ۾ اچي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو