اسلام آباد(بيورو)نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي قيمت ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جوائنٽ سيڪريٽري پاور ڊويزن ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ٽيرف ملڪ جي ٻين بجلي ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، ان واڌ باوجود ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي 3 رپيا 98 پئسا في يونٽ سبسڊي ملندي.نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته بجلي جو موجوده اوسط ٽيرف 25.52 رپيا في يونٽ آهي ۽ جيڪڏهن منظوري ڏني وئي ته ڪي اليڪٽرڪ جو سراسري ٽيرف 26.08 رپيا في يونٽ ٿي ويندو.اختيارين ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن تي ڊيٽا جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو جاري ڪيو ويندو.ٻئي طرف چيئرمين نيپرا چيو آهي ته اٿارٽي گڊو پاور پلانٽ ۾ فني خرابي جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، هن پلانٽ جي بندش سبب روزانو 35 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.










