لاڙڪاڻو(ن س) ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ جي او سي ميجر. جنرل عامر امين ۽ پرنسپل برگيڊيئر .رضا ۽ سردار محمد علي ٻگھيو، ڊي سي لاڙڪاڻو، برگيڊيئر سجاد ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو موجود هئا. اجلاس ۾ ڪاليج جي ترقياتي منصوبن، غير نصابي سرگرمين، اسپورٽس سميت مختلف معاملن تي تجويزن تي غور ڪيو ويو.
