ڪينجھر ڍنڍ تي عالمي معيار جو سياحتي مرڪز بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران ڪينجھر ڍنڍ تي عالمي معيار جو سياحتي مرڪز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ،سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومت ڪينجهر ڍنڍ کي پرڪشش سياحتي مرڪز بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. امتياز شيخ چيو ته سياحتي مرڪز ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن کي سموريون جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جديد ريسٽورٽ جي تعمير سان ملڪي ۽ غير ملڪي سياح تفريحي ماڳ ڏانهن متوجه ٿيندا، سياحتي مرڪز جي تعمير لاءِ مناسب هنڌ جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي. هڪ جديد تفريح گاهه، ريسٽورٽ جي تعمير سان روزگار، ڪاروبار جا دروازا پڻ کلندا ,امتياز شيخ چيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي ايراضي 24 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جديد ريسٽورٽ جي تعمير لاءِ موزون جڳهه جو تعين ڪيو پيو وڃي، ڪويت انويسٽمينٽ ڪمپني پاران جديد ريسٽورٽ جي تعمير بابت مڪمل بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس ۾ چيو ويو ته هي ريسٽورٽ جديد سهولتن ۽ عالمي معيار جو هوندو، سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ ۾ سياحت لاءِ ڪيترائي ماڳ آهن، سياحتي هنڌن تي سياحن کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري نه رڳو ملڪي پر پرڏيهي سياح به انهن ماڳن ڏانهن راغب ٿين، هن چيو ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان پرعزم آهي ڪينجهر ڍنڍ تي جديد سهولتن جي فراهمي بابت قدم به ان ئي منصوبي جو حصو آهن، اجلاس ۾ خصوصي معاون قاسم نويد قمر، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر علي حسن زرداري، سيڪريٽري سيڙپڪاري، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ فنانس ڊپارٽمينٽ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو