ڪو به انسان ڊس ايبل ناهي، قدر انسان کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ڪو به انسان ڊس ايبل ناهي، قدر انسان کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي. اکين سان نه ڏسي سگهندڙ پنهنجي دل سان گهڻو ڪجهه ڏسي وٺن ٿا. سمورن ماڻهن جا حق برابر آهن. دنيا جي مڙني سڌريل ملڪن ۾ اسپيشل ماڻهن جي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو. اسان وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ اسپيشل ماڻهن جي سهولتن جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. اسپيشل ماڻهو به ووٽ جو حق رکن ٿا. پي ڊي ايف جا جائز مطالبا آهن. سياسي پارٽين کي پنهنجي چونڊ منشور ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجن. مرتضيٰ سولنگي اهڙن خيالن جو اظهار نيشل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پاڪستان ڊيس ايبلڊ فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ اسپيشل ماڻهن لاءِ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسپيشل ماڻهن يج ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. پي ڊي ايف چيئرمين ڪو ناجائز مطالبو ناهي رکيو. ان جا جائز مطالبا آهن. وڏيون وڏيون سياسي پارٽيون منشور سازي ۾ رڌل آهن. چنڊ هفتن بعد اوهان جن ماڻهن کي منتخب ڪندا انهن اوهان لاءِ قانونسازي ڪرڻي آهي. سياسي پارٽين کي پنهنجي چونڊ منشور ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجي. اسپيشل ماڻهن لاءِ قانونسازي به چونڊيل نمائيندا ڪن ٿا. اميد آهي ته سياسي پارٽيون اسيپشل ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجي پروگرامن ۾ ذڪر ڪنديون. چيئرمين پاڪستان ڊس ايبلڊ فائونڊيشن شاهد ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اکين جي نور کان محروم ۽معذور ماڻهن کي معاشري ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسپيشل ماڻهن کي معاشري ۾ سڄاڻپ ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن. اسان جو بنيادي مقصد اسپيشل ماڻهن جو سماجي، معاشي تحفظ آهي. آئي ٽي سيڪٽر ۾ اسپيشل ماڻهن پنهنجو هڪ مقام ٺاهي ورتو آهي. معاشري ۾ اسان کي برابري جا حق ڏنا وڃ. 3 سال اڳ اسپيشل ماڻهن کي بجيٽ ۾ سماٽ فون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. پر هن وقت تائين هڪ به سمارٽ فون ناهي ڏنو ويو. ڪافي بينڪن اکين جي نور کان محروم ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽ نٿيون کولين، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. تقريب جي آخر ۾ شاهد ميمڻ مرتضيٰ سولنگي کي خصوصي سونيئر پيش ڪيو. جڏهن ته عبدالمنان کي تنظيم لاءِ بهترين خدمتن جي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ طور قيمتي مشين جو تحفو ڏنو ويو. ان موقعي تي اين پي سي جي سيڪريٽري فنان نيئر علي ۽ تنظيم جا ٻيا عهديدار ۽ ميمبر به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو