ڪوڙي اڪائونٽ تان ڀرتيون ڪندڙ سائبر ڪرائيم هٿان گرفتار

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) ايف آءِ  اي ۽ سائبر ڪرائيم ٽيم حيدرآباد  اي ايس پي سٽي حيدرآباد جي نالي سان جعلي واٽس ايپ گروپ ۽ فيس بوڪ اڪائونٽ ٺاھي ڪوڙيون ڀرتيون ڪندڙ  نوجوان گرفتار، مٿس سائبر ڪرائيم جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. نائين ڪلاس جي شاگرد محمد احمد عرف ياسر ميمڻ پاران اي ايس پي حيدرآباد ميڊم علينا راڄپر جي نالي سان جعلي واٽس ايپ گروپ ۽ فيس بوڪ اڪائونٽ ٺاھي نوڪرين جا اشتھار ۽ پوسٽون رکڻ جي الزام ۾ ايف آئي اي حيدرآباد جي سائبر ڪرائيم  برانچ جي ٽيم محمد احمد عرف ياسر ميمڻ وٽان موبائيل فون هٿ ڪري کيس گرفتار ڪري حيدرآباد کڻي ويا، گرفتار ڪيل نوجوان تي سائبر ڪرائيم تحت ايف آئي آر نمبر 15/2021 تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو