ڪوهيڙي سبب فلائيٽ آپريشن متاثر، 24 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب فلائيٽ آپريشن مسلسل متاثر ٿي رهيو آهي.غير يقيني واري صورتحال سبب اڄ سڄي ملڪ ۾ 24 اڏامون منسوخ ڪيون ويون جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون ملتوي ڪيون ويون.اسلام آباد، سيالڪوٽ ۽ پشاور ايئرپورٽس تي اڏامن جي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ۾ غير يقيني صورتحال آهي، ٽن ڏينهن دوران سڄي ملڪ ۾ 88 مقامي ۽ بين الاقوامي اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.دبئي کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام ڪراچي ۾ لينڊ ڪئي، جڏهن ته خانگي ايئر لائن جي جده کان اسلام آباد ويندڙ اڏام فلائيٽ شيڊول موجب لاهور ۾ لينڊ ڪئي.نجي ايئر لائن جي مسقط کان سيالڪوٽ جي اڏام لاهور ۽ پي آءِ اي جي شارجه کان پشاور ويندڙ اڏام ڪراچي ۾ لينڊ ڪئي، ان سان گڏوگڏ اسلام آباد کان ابوظهبي، دبئي اسلام آباد، گلگت اسلام آباد، اسڪردو، ڪراچي، ابوظهبي ۽ دبئي کان پشاور ويندڙ پي آءِ اي جون اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو