ڪورٽ لڳ پنجاب واسي نوجوان قتل، 3 ڄڻا موقعي تان گرفتار

ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو )ڪشمور ڪورٽ ويجھو انڊس هاءِ وي تي سڱاوتي تڪرار تان پنجاب جي شھر احمدپور لمہ واسي 40 ورھين جو نوجوان غلام عباس شيخ قتل، ڪشمور سول ڪورٽ جي پوليس اھلڪارن قاتلن کي موقعي تان گرفتار ڪري ورتو. ملزم علي خان سبزوئي محمد خان سبزوئي آزاد سبزوئي ڪنڌڪوٽ جا رھواسي آهن، ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪشمور پوليس ٿاڻي حوالي ڪري ڇڏيو. قتل ٿيل نوجوان غلام عباس شيخ جو لاش سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. ڪشمور پوليس موجب ڪنڌڪوٽ واسي سبزوئي برادري ۽ پنجاب جي شهر احمد پور لمہ جي شيخ برادري ۾ سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو