ڪوري کوهه وٽ روڊ حادثي ۾ ٻار تڙپي تڙپي فوت، ڪار سوار فرار

ميرپور ماٿيلو(ن س) ميرپور ماٿيلو؛ ڪوري کوھ بس اسٽاپ تي روڊ ڪراس ڪندڙ معصوم ٻار کي تيز رفتار ڪار جو ٽڪر، 8 سالا معصوم ٻار مدثر علي ولد محمد علي ملاڻو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. لاش ميرپور ماٿيلو اسپتال آندو ويو ضروري ڪارواين بعد وارثن حوالي. ڪار ڊرائيور ڪار سميت فرار، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو