ڪورونا نئون ويرينٽ، پرڏيهه مان ايندڙن جي ٽيسٽ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي آفيسرن موجب اين سي او سي سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪورونا جي نئين قسم جي اين ون کي روڪڻ لاءِ پرڏيهه مان ايندڙ 2 سيڪڙو مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آفيسرن جو چوڻ آهي ته پرڏيهه مان ايندڙ 2 سيڪڙو مسافرن جي ايئرپورٽن تي لازمي ڪووڊ ٽيسٽ ڪرڻي پوندي، ڪووڊ ٽيسٽ لاءِ ريپڊ تشخيصي ڪٽس نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران فراهم ڪيون وينديون.هن وقت، ملڪ جي اڪثر وڏن ايئرپورٽن وٽ ڪووڊ تشخيصي ڪٽ نه آهن.آفيسرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هينئر تائين ڪووڊ 19 جي نئين قسم جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو، پر ايڊوائزري سان اسپتالن جي او پي ڊيز ۽ وارڊن تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو