اسلام آباد(بيورو)سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ساڍا 3 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 2 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 854 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 750 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي شرح 3.60 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.ان کان علاوه ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 164 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.










