ڪورونا جي ٽئين لهر تيز، وڌيڪ 118 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وبا سبب 118 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 5هزار611 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪماند اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 55 هزار 128 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا ٽيسٽن جو انگ 11لک 53هزار 877  ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 611 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 7لک95هزار627 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 77 هزار 593، پنجاب ۾ 2 لک 88 هزار 598، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 13 هزار 121، اسلام آباد ۾ 72 هزار 981، بلوچستان ۾ 21 هزار 618، آزاد ڪشمير ۾ 16 هزار 463 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 253 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 88 هزار 698 ٿي وئي اهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 118 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل طور تي انگ 17 هزار 117 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 3 هزار 324 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 6لک89هزار812 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو