ڪوروناسبب وڌيڪ 48 فوت 24 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪوروناسبب وڌيڪ 48 فوت 24 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله سايو گهوٽو)پاڪستان ۾ گزريل 24 ڪلاڪن دوران  ڪورونا  وائرس سبب وڌيڪ 48  مريض فوت ٿي ويا ۽ 24 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 38هزار369 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا وياجن مان 2هزار435 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.سرڪاري  رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب موتين جو ڪل تعداد 10هزار558 ٿي چڪو آهي  ۽ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک 99هزار517 ٿي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 33هزار474 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 1هزار617 مريض 24 ڪلاڪ دوران  ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک55هزار445 ٿي چڪوآهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک24هزار004 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار679 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک44هزار111 آهي ۽ 4هزار242 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار351 آهي ۽ فوتين جو تعداد 187 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ 60هزار751 آهي ۽ 1 هزار718 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 84هزار545 ماڻهو وائرس کان متاثرٿيا آهن ۽ 235  مريض فوت ٿي ويا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار879 تائين پهچي ويو آهي ۽ 101 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 38هزار970 آهي ۽ هن وقت تائين 436 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو