ڪوئٽه ۾ 9 مسافر بس مان لاهي قتل،نوشڪي ۾ 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ڊپٽي ڪمشنر نوشڪي موجب نوشڪي ۾ قومي شاهراهه تي هڪ بس مان هٿياربندن 9 مسافرن کي اغوا ڪري ويجهن جبلن تي کڻي ويا.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مسافر بس ڪوئيٽا کان تفتان وڃي رهي هئي.هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته نوشڪي کان اغوا ڪيل 9 مسافرن جا لاش ٽڪريءَ وٽ پل هيٺان مليا آهن، مارجي ويلن جو تعلق منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا ۽ وزير آباد سان آهي. پوليس موجب ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي آهي ته ڪنهن اغواڪار کي قتل ڪيو ويو يا گرفتار ڪيو ويو.ان کان علاوه نوشڪي ۾ قومي شاهراهه تي گاڏي تي فائرنگ جي هڪ ٻئي واقعي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ڊي سي نوشڪي جو چوڻ هو ته فوت ٿيل هڪ ڄڻو صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جو مائٽ آهي.ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ڪري 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو. بيگناهه ماڻهن تي حملن ۾ ملوث دهشتگردن جو تعاقب ڪندا، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جي امن کي تباهه ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو