ڪوئٽه ۾ هٿياربندن جي پوليس موبائل تي فائرنگ، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه جي علائقي شالڪوٽ ۾ پوليس موبائيل تي نامعلوم دهشتگردن فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 ئي دهشتگرد مارجي ويا آهن.سي ٽي ڊي بلوچستان جي ترجمان موجب ڪوئٽه جي علائقي سبي روڊ تي پوليس جي گاڏي معمول موجب گشت تي هئي ته 2 موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني.سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو آهي ته پوليس جي گاڏي جزوي طور تي بلٽ پروف هجڻ سبب سمورا اهلڪار محفوظ رهيا، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته ان جا 3 ساٿي پاسي ۾ موجود هڪ گهر ۾ لڪي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان موجب سي ٽي ڊي پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي سمورن دهشتگردن کي سرنڊر ڪرڻ جو چيو پر دهشتگردن سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، سي ٽي ڊي جي جوابي ڪارروائي دوران ٽئي دهشتگرد مارجي ويا. ترجمان ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن کان موٽر سائيڪل، پستول ۽ هينڊ گرينڊ هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو