ڪوئٽه ۾ تيز برساتن سبب تباهي، 21 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه ۾ تيز طوفاني برساتن جي 3 اسپيلن تباهي مچائي ڇڏي، 21 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا برساتن دوران 1910 گهرن کي پڻ نقصان پهتو آهي.پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) طرفان ڪوئٽه ۾ برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي. برساتن جي 3 اسپيل دوران فوت ٿي ويلن جو انگ 21 جڏهن ته زخمين جو انگ 25 ٻڌايو ويو آهي.رپورٽ موجب فوت ٿي ويلن ۾ 7 مرد، 7 عورتون ۽ 6 ٻار شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ 1 مرد، 4 عورتون ۽ 11 ٻار شامل آهن، برساتن سبب سڀني کان وڌيڪ جاني نقصان چمن ۾ ٿيو.برساتن سبب 251 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا، 4 پل ۽ 14 روڊ به ٻوڏ وهڪري جي نظر ٿي ويا. تيز برساتن سبب 128 جانور به فوت ٿي ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ وهڪرن جي ڪري 62 ايڪڙ فصل کي به نقصان پهتو آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن به بلوچستان ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري رهيو. ان دوران ندي نالا به ڀرجي ويا ڪوئٽه، زيارت، جا ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته فصلن، باغن ۽ سولر پينل کي به نقصان پهتو.ٻئي طرف موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙي پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو