ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي انتظاميا پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تالا بندي جي سخت مذمت ڪئي وئي. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جو بيان موجب اهو قدم صحافت جي آزادي تي حملو ۽ آئين جي آرٽيڪل 19 جي واضح ڀڃڪڙي آهي، ان جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي، مستقبل جي ايڪشن پلان جو اعلان 24 ڪلاڪن ۾ ڪيو ويندو،بلوچستان يونين آف جرنلسٽس انتظاميا ۽ پوليس پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تالا بندي جي سخت مذمت ڪندي ان عمل کي پريس جي آزادي تي حملو ۽ آئين جي آرٽيڪل 19 جي صريح خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.بلوچستان يونين آف جرنلسٽس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، 24 ڪلاڪن اندر مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. پريس ڪلب کي بند ڪرڻ صحافين جي آزادي ۽ حقن تي حملو آهي، انتظاميه جو هي قدم صحافين کي خاموش ڪرڻ جي سازش آهي، ان خلاف سخت احتجاج ڪنداسين. يونين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صحافين کي درپيش خطرن ۽ چئلينجن جي باوجود اهي پنهنجا فرض نڀائيندا رهندا ۽ اهڙن قدمن سان کين خوفزده نه ٿو ڪري سگهجي.پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار جي آزادي ڏئي ٿو ۽ پريس ڪلب کي تالا بندي ان جي واضح ڀڃڪڙي آهي. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس مطالبو ڪيو آهي ته ان معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن صحافي بنا خوف ۽ خطري کان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن، 24 ڪلاڪن اندر مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.










