ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مڇ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيتن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد پوليس ۽ ايف سي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿياربند مڇ ڪوئله فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي اغوا ڪري پهاڙن ۾ وٺي وڃي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڪڇي مراد ڪاسي 11 پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته افسوسناڪ واقعو گشتري جي علائقي ۾ پيش آيو. ڊي سي مراد ڪاسي جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ 4 پورهيت زخمي به ٿيا آهن، پورهيتن جا لاش ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي ڪوئيٽا منتقل ڪيو پيو وڃي. ڊي سي موجب علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچنگ ۽ سوئپنگ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










