ڪنڌڪوٽ ، گهر ۾ راڪيٽ شيل ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ (ن س ) ڪنڌڪوٽ ڳوٺ بنگئي سبزوئي ۾ راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا فوت، ڳوٺ بنگئي سبزوئي ۾ شاھ علي سبزوئي جي گهر ۾ ٻارن جي راند دوران گولو ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 8 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي، واقعي جي اطلاع ملڻ شرط ايس ايس پي ڪشمور واقع واري جاء تي پهتو، شروعاتي رپورٽ مطابق ٻار ڳوٺ ۾ زمين تي کيڏي رهيا هئا ته انهن کي راڪيٽ الانچر جو گولو مليو جيڪو گهر کڻي آيا ۽ ٻار گولو کي کيڏڻ لڳا ته گولو گهر اندر ڦاٽي پيو، واقعي واري جاء تي پوليس جي وڏي نفري موجود پوليس جي فرانزڪ ۽ بم ڊسپوزل ٽيمون موقع واردات طرف روانا ٿي ويون،.ٻئي طرف سنڌ جي نگران وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.وڏي وزير چيو ته راڪيٽ لانچر گوڙ تائين ڪيئن پهتو، ڇا هٿيارن جي ڪا اسمگلنگ هئي؟ ڇا گوڙ ۾ ڦرلٽ جا سهولتڪار آهن؟ راڪيٽ لانچر کي ڪيئن ڌماڪو ڪيو ويو ان جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو