ڪنڌڪوٽ ۾ سوين ڪنيڪشن ڪاٽا، ساڍا چار ڪروڙ جي وصولي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) سيپڪو پاران وچ شهر ۾ بجلي چورن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪندي ھڪ سو کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي مٿن ڏنڊ هڻي ڇڏيو آهي. جن ۾ گهريلو ۽ تجارتي صارفين پڻ شامل آهن. ڪيترن دڪانن، گهرن ۽ هوٽلن جي بجلي ڪاٽي وئي آهي. سنڌيارپاران رابطوڪرڻ تي انجينئر شفقت لاشاري ٻڌايو ته جون مهيني ۾ ڪلوزنگ دوران بجلي صارفين کان چارڪروڙ57 لک بلن جي مد ۾ وصول ڪياويا. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عوام جيڪڏھن تعاون ڪري ته ڪنڌڪوٽ سب ڊويزن اندر پنجئي فيڊر لوڊشيڊنگ کان آجا ٿي سگهن ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته پوري شھراندر ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ بجلي چوري جي روڪ ٿام لا۽ بروقت فري ميٽر ھڻي ڏيڻ لا۽ مختلف ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آھن ۽ ڪوشش اھا آھي ته جلد کان جلد لوڊ شيڊنگ جو خاتموڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو