ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪالهه 41 هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي


ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪالهه 41 هين ڏينهن به ضلع پيربخش بھلڪاڻي ديدار علي سبزوئي، امداد کوسو، قمرالدين سھرياڻي معشوق ڀيو، اصغر سبزوئي نورحسن سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايم ايس نظير اعواڻ ڪرپشن ڪيس داخل هئڻ باوجود عهدي تي مقرر آهي، اسپتال ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، عوام کي علاج جون سهولتون نٿيون ملن. هنن چيو ته ڇتي ڪتي جا ڏاڙھيل مريض تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا پر کين ويڪسين نه ٿيون ملن، هنن چيو ته اسپتال ۾ لکين روپين جون ڊائيلاسز مشينون موجود آھن پر انهن کي استعمال نه ٿو ڪيو وڃي. اسپتال ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر نجي ڪلينڪون هلائي رهيا آهن، ايمرجنسي وارڊ ۾ به پٽيوالا مريضن جي مرهم پٽي ڪن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ايم ايس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو