ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ( ڏيڍ مهينو اڳ ڪرمپور ڀرسان انڊس ھائي وي روڊ تان اغواٿيل ڪنڌڪوٽ واسي سبزي جا واپاري ارشاد احمد ملڪ ۽علي احمد چنہ کي ايس۔ايس۔پي ڪشمورسيد اسد رضا شاھ پاران سي۔آئي۔اي انچارج گل محمد مھرجي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم پاران ڳڙھي تيغوجي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪندي کين بازياب ڪرايو ويو. رات ديرسان مغوين جي بازيابي جي اطلاع تي مغوين جي گھرن ۾ خوشي جي لھر وارٽ ۽شھري وڏي انگ ۾ ايس۔ايس۔پي آفيس پھچي ويا. جتي مغوين کي پڇا ڳاڇا بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واضح رهي ته پوليس جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين کي علائقي جي معززين ذريعي ڳالهين بعد آزاد ڪرايو ويو آهي ۽ ان تصديق ٿيل اطلاعن موجب مغوين جي ڀنگ ڀرڻ جو ڳالهيون به هلي رهيون آهن.
مشهور خبرون










