ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي تي پوليس جو لٺين ۽ ڇرين سان حملو

ڪنڌڪوٽ/ غوثپور(نمائندن وٽان) ڳالهين ذريعي ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي بعد ايس ايس پي امجد شيخ جي حڪم تي پوليس ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪري لٺين ۽ ڇرين سان حملو ڪيو. 10 کان مٿي شهرين کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. اوچتو پوليس اهلڪارن سان گڏ سادن ڪپڙن ۾ ٻٽون ٻڌل نامعلوم ماڻهو ڇريون کڻي ڌرڻن تي ڪڙڪي پيا ته  چڪريون شروع ٿيون. گذريل ڏينهن ايس ايس پي ۽ اڳوڻي ايم اين اي مسٽر مزاري وڌيڪ ديوان برادري جي ماڻهن جي اغوا جون ڌمڪيون ڏئي  4 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ديرا موڙ (سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جو سنگم) تان ختم ڪرايو هو. جنهن بعد اڄ اربع تي شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو هو. ان موقعي تي ميمبر سنڌ بار ڪائونسل عبدالغني بجاراڻي مظاهرين کي انڊس هاءِ وي تي وٺي اچي ڪنڌ ڪوٽ ۾ گولا موڙ وٽ ڌرڻو هنيو. جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جتي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ رئيس منور علي ڀٽو، عزيز سومرو، غلام رسول ملڪ، واليڏنو، ڪامريڊ عباس، فدا محمداڻي، شعبان جکراڻي، مولوي خان محمد ملڪ، حسين بخش سومرو، وڪيل دائودخان جکراڻي، جيوڻ خان سبزوئي، مولوي جمال الدين اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار، سکر جي پريا ڪماري، ڪنڌڪوٽ جي معصوم ڪوثر کوسو سندس امڙ نازيا بي بي سميت سمورن مغوين جي بازيابي ۽ ضلعي اندڙ ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ايس ايس پي امجد شيخ جيڪو بدلي ٿي چڪو آهي ان ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون. ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن مزاحمت ڪئي ته اسانجو پرامن ڌرڻو آهي پر اهلڪارن هڪ نه ٻڌي. لاٺي چارج ۾ ڪيترائي مظاهرين ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا مڇريل ماڻهن مزاحمت ڪري پوليس کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، مظاهرين مڇرجي پيا، ٻئي طرف ايس ايس پي امجد شيخ پاران ڪنڌڪوٽ وارو ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي بعد ڌرڻوهڻندڙن تي سنگين الزام هنيا آهن. ايس ايس پي امجد شيخ ڌرڻي ۾ پهچي سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي سان ڳالهيون ڪيون ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته هن ڌرڻي ۾ منهنجا مخالف ويٺل آهن، ڪشمور واري ڌرڻي ۾ اغوائن ۾ ملوث ماڻهو به ويٺل آهن، وڪيل اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي چيو ته توهان جي ٽيم جا ماڻهو ڌاڙيلن سان سڌو رابطي ۾ آهن، جڏهن دل چوين ٿي هڪ اڌ مغوي ڪڍي ڏين ٿا، چند سردار پڪڙيو ته سمورا مغوي بازياب ٿي ويندا مظاهرين ايس ايس پي امجد شيخ کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، مظاهرين ايس ايس پي جي الزامن تي اچرج ظاهر ڪندي چيو آهي ته امجد شيخ کي اغوا ۾ ملوث ماڻهن جي خبر هئي ته پوءِ هنن جي خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ ۽ ناڪامي بعد پوليس کي موڪلي زبردستي تنبو پٽرايا ۽ حملو ڪرايو. ايس ٽي پي اڳواڻ جيوڻ سبزوئي سميت ڏھ کان وڌيڪ شھري زخمي ٿي پيا جنهن بعد ڪاوڙيل مظاھرين به ھمت جو مظاھرو ڪندي پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو جنهن بعد پوليس اھلڪار موبائيلن ۾ چڙھي ڀڄي ويا عوام ٻيھر پٽيل شامياڻو ھڻي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ان بعد ڌرڻي ۾ خطاب ڪندي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، مولوي جمالدين اوڳاھي ۽ ٻين چيو ته پوليس ڏوھارين ڌاڙيلن سان مليل آهي ضلعي اندر ھٿن سان ماڻھون اغوا ڪرائي رھيا آهن ھڪ مغوي بازياب ٿئي ٿو ته ٻيو اغوا ٿئي ٿو ڪچي ۾ پوليس آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان لاٺي چارج ڪري انسانيت جو تقدس پائمال ڪري بيگناھ  شھرين کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو ويو انھي ظلم تي خاموش نه ويھنداسين پوليس گردي پوليس جي ظلم خلاف ڀرپور احتجاج ڪنداسين سڄي سنڌ ۾ شعور رکندڙ ڌريون پوليس خلاف احتجاج ڪن اسين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.

Photo Facebook

پهنجو تبصرو موڪليو