ڪمپني مان بيدخل ڪرڻ خلاف ملازمن جو احتجاج

ملير(شهزادو مستوئي) بن قاسم قومي شاهراھ لڳ قائم پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ذوالفقار آباد جي ٽرمينل ۾ گذريل 10 سالن کان ڪم ڪندڙ پير سرهندي ڳوٺ جي مقامي رهواسي ملازمن کي انتظاميا بنا ڪنهن سبب جي نوڪرين مان ڪڍي بيروزگار ڪري  ڇڏيو آهي جن ۾ الله داد گل محمد،الله رکيو،سعود، جنجهار ، جهنڊا خان ،محمد نصير ،رڪم دين ،رسول بخش ،نور دين سميت 17 ڄڻا شامل آهن بي دخل ملازم  پي ايس او جي مک گيٽ آڏو گڏي ٿي ويا جن  احتجاجي مظاهرو ڪندي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽  ڌرڻو هڻي وهي رهيا جن سان انتظاميا جي ڪامورن ۽ ٺيڪيسدار جي منشي پهچي ڳالهيون ڪيون جن کي پورهيتن 24 ڪلاڪن ۾ بحال ڪرڻ چتاءُ ڏيندي سڀاڻ ( اڄ ) ڪمپني جي گيٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ڳالهين لاءِ پهتل وفد اڄ رات تائين کين جواب ڏيڻ جي مهلت طلب ڪري ورتي  ان موقعي تي بي دخل ملازمن رستم جوکيو محمد نصير محمود جوکيو گل محمد ۽ صحافين کي ٻڌايو ته ٺيڪيدار انوار مرزا ۽ گل زيب پيپلز يونين جي اڳواڻ چوهدري راشيل سان ساز باز ڪري بنا ڪنهن جواز جي  اسان کي نوڪري مان فارغ ڪري اسان جي ٻچن کي بک ۽ بد حالي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي جڏهن اسان جي جائي تي  ملڪ جي ٻين علائقن مان سندن مائٽ گهرائي ڀرتي ڪيا پيا وڃن جيڪا سراسر انساني حقن ۽ مقامي ماڻهن سان نا انصافي آهي  هنن اعلي  اختيارين ،تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اي اي کان مطالبو ڪيو ته مقامي پورهيتن سان غير انساني سلوڪ بند ڪري کين نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو