ڪميٽي مڪمل بااختيار آهي پر فيصلا پي ٽي آءِ باني کي ڪرڻا آهن

ڪميٽي مڪمل بااختيار آهي پر فيصلا پي ٽي آءِ باني کي ڪرڻا آهن

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته ڪميٽي مڪمل بااختيار آهي پر فيصلا پي ٽي آءِ جي باني کي ئي ڪرڻا آهن.خصوصي گفتگو ۾ اسد قيصر چيو ته ڳالهين ۾ پهريون مطالبو پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کانسواءِ ڪا به ڳالهه ٻولهه بي معنيٰ آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن خيبرپختونخواهه جو بنيادي حق آهي، مخصوص سيٽون ۽ سينيٽ اليڪشن اسان جو مطالبو آهي.اسد قيصر اهو به چيو ته هو فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف هر فورم تي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو