ڪميشن ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي نه ڪري: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي نه ڪري. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسان آزاد اميدوار نه آهيون، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا هئا.سندس چوڻ آهي ته منهنجي طرفان 720 صفحن جا دستاويز اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا ويا.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو نالو پارٽي ڍانچي ۾ هو جيڪو مخصوص سيٽن تي ڏنو ويو، اسپيڪر جو اهو چوڻ مناسب ناهي ته اسان آزاد آهيون. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اپوزيشن وٽ 17 سيٽون آهن ۽ 30 وڌيڪ سيٽون گهرڻ جو مطالبو آهي. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته آرٽيڪل 51 موجب ڪنهن به پارٽيءَ کي ان کان وڌيڪ سيٽون نه ڏنيون وينديون، جنهن کٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو