راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته سياسي ۽ مالي فائدن خاطر فوج خلاف ڪوڙي پروپيگنڊ ڪندڙن جي نشاندهي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) جي صدارت هيٺ 2 ڏينهن واري 84هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي،ڪانفرنس جي شروعات ۾ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي،آءِ ايس پي آر موجب فورم پاران پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن کي ڀيٽا ۽ اسلام آباد ۾ تازو پرتشدد مظاهرن ۾ شهاد ت ماڻيندڙ پاڪستاني شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته فورم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ڪشميري عوام جي پاڪستان جي غير متزلزل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کي ورجايو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ جاري ظلمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ غزه ۾ جاري فوجي جارحيت جي خاتمي لاءِ عالمي قانوني قدمن جي به حمايت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پرڏيهي ۽ اندروني خطرن جي حوالي سان موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جو به جائزو ورتو،هن وڌيڪ چيو ته فورم دهشتگردي جي خلاف جاري آپريشنز جو هڪ جامع تجزيو ڪيو. ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشنز خاص طور تي پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) مجيد برگيڊ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندڙڻ کي بي اثر ڪرڻ جو عزم ڪيو،پاڪ فوج جي ترجمان موجب، فورم راڄڌاني جي اهم سرڪاري عمارتن کي محفوظ بڻائڻ ۽ پاڪستان جي دوري دوران معزز پرڏيهي وفدن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي جائز مقرري خلاف غلط پروپئگنڊا تي تشويش جو اظهار ڪيو ،آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته هي مربوط ۽ اڳڀرائي ٿيل پروپيگنڊا ڪجهه سياسي عنصرن جي ناپاڪ ارادن جي تسلسل جي عڪاسي ڪري ٿو.جنهن جو مقصد پاڪستان جي عوام، هٿياربند فوج ۽ ادارن جي وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي. ٻاهرين عنصرن جي مدد سان ڪيل پروپيگنڊا جي اهڙي ناپاڪ ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.










