ڪشمير ۾ چونڊ شفاف ٿي ته پيپلز پارٽي کٽندي، گيلاني

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي الڪيشن شفاف ٿي ته پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن امت مسله کي عيد جون واڌايون ڏنيون، هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت کي هلائڻ پي ٽي آءِ  جي وس جي ڳالهه نه آهي، افغان سفير جي ڌيءَ جي گمشدگي بري خبر آهي، جاچ جاري آهي، اميد آهي ته جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون، يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته ڪابل جون حالتون ٺيڪ ٿينديون ته اسلام آباد جون به حالتون بهتر ٿينديون، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ظلم ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو