ڪرفيو ختم ڪرائڻ لاءِ ڀارت سان ڳالهائيندس: ٽرمپ

واشنگٽن (ڊيسڪ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت وزيراعظم عمران خان پاران حقيقتون بيان ڪرڻ کانپوءِ خاطري ڪرائي آهي ته ڀارتي حڪومتن والاريل ڪشمير ۾ جيڪو اڻ اعلانيل ڪرفيو هنيو آهي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀارتي اختيارين سان ڳالهائيندس. مونکي انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ اهو پڻ چيو ته ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻئي ملڪ ڳالهين جي ٽيبل تي اچن. جڏهن ته ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا والاريل ڪشمير مان ظلم جي خاتمي لاءِ آمريڪا ڏانهن ڏسي رهي آهي. آمريڪا کي قدم کڻڻ گهرجن. جڏهن ته آمريڪي صدر ۽ پاڪستاني وزيراعظم جي ملاقات بابت پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير شاهه محمود قريشيءَ ٻڌايو آهي ته آمريڪي صدر طرفان پرڳڻي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ايران جي صدر سان ڳالهين ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم عمران خان کي ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ عمران خان ستت ئي ايراني صدر سان ملاقات ڪندو.  

پهنجو تبصرو موڪليو